ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ

ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ

بلوچ ڊاڪٽر عبدالحئي

بلوچ، ڊاڪٽر عبدالحئي: ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ، بلوچستان جو ناميارو سياستدان آهي. حئي بلوچ ڳوٺ ڇلگري ضلعي بولان ۾ پهرين فيبروري 1946ع تي ڄائو. هو 1970ع وارين چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو هو. هن ايم. بي. بي. ايس ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪئي ۽ شاگرد سياست ۾ ڀرپور حصو ورتائين. هي بي. ايس. او جو چيئرمين پڻ رهيو. 1988ع وارين چونڊن ۾ بلوچستان نيشنل موومينٽ جي جهنڊي هيٺ بي ايس او جي پراڻن ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي گڏ ڪري چونڊن ۾ حصو ورتائين ۽ هن جماعت بلوچستان ۾ گڏجي حڪومت پڻ ٺاهي. هو بعد ۾ سينيٽر پڻ رهيو. هو ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اثر هيٺ پڻ رهيو. ٽن ننڍن صوبن جي قوم پرستن جي ٺهندڙ مختلف اتحادن ۾ پڻ شامل رهيو. هيءُ مشهور سياسي اتحاد ’پونم‘ جو سرگرم ميمبر پڻ رهيو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.02.01  عيسوي

ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ ڳوٺ ڇلگري ضلعي بولان ۾ 1 فيبروري 1946ع تي ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد شوڪت علي شاهه عرف بابو شاهه
شهروز سبزواري
شادي خان چانڊيو
پير نور شاهه هاشمي
الڪا ڪيسواڻي
جي ايم سيد
عدنان صديقي
بڪيرائي مراد علي شاهه
ٽالسٽاء
جهانگياڻي پريتي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون